اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خ??نه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، ??يل ڀرڻ جو شوق به ??ور?? ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پيش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خ??نه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز ش??يف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پيش ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن ??يو ته گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو ??يل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خ??نه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خ??نه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو. هن ??يو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو لڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟
عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے