اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو آئين صحافت جي ??زادي ۽ شهرين جي ??حيح معلومات تائين پهچ جي ??ق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالا دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو، ان وقت جي وزيراعظم کي عالمي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ خطاب ڏنو، عمران خان نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، گوليون هنيون. صحافت جي ??زادي جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ??يان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان سميت ??ڄي دنيا ۾ صحافت جي ??زادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي ??زادي تي پڪو يقين رکي ٿي. پاڪستان جو آئين صحافت جي ??زادي ۽ شهرين جي ??حيح معلومات تائين پهچ جي ??ق جي ??مانت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافت جي ??زادي جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي ??انيون وڃايون. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو. هن چيو ته 2017ع ۾ ورلڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پاڪستان 139 هين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ميڊيا دشمن پاليسين ج?? ڪري پاڪستان جي ??رجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وقت وزارت عظميٰ ج?? ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ خطاب ڏنو ويو، عمران خان پنهنجي چار سالا دور ۾ نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سالا دور صحافين جي لاءِ خطرناڪ دور هو. هن چيو ته عمران خان صحافت تي پابنديون هنيون، اهڙي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ٿو پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي ??بان بندي جي لاءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي ??لطين تي نظرثان?? ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن چيو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آهي ۽ صحافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي ??حفظ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.
پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria