اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??منڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن ترقياتي من??وبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، من??وبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي من??وبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائ??ي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائ??ي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ??وورسيز پاڪستاني اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري سهولتون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??مورن ترقياتي من??وبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته ??فافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس رهائ??ي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??منڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪستانين کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي جي لاءِ تيار آ??ن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي جنهن سان اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف روٽس تي 160 اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون، انهن مان 2 روٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون جون جي وچ ڌاري اسلام آباد پهچي وينديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ من??وبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري من??وبي جي حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي من??وري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria