راولپنڊي-15 مئي (اي پي پي) خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس سياسي محرڪ رکندڙ وڳوڙين طرفان باهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ فو??ي ٺڪاڻن تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنياد تي پاڪ فو?? انهن ??ملن جي منصوباساز??، اڪسائيندڙن ۽ انهن ??ي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جوابدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، امن امان ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي لوهي هٿن سان چٿيون ويندو. موجوده حالتن جي روشني ۾ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. فو??م جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته آرمي جي رينڪ ۽ فائل ۾ عسڪري ٺڪاڻن کي نقصان پهچائڻ، باهيون ڏيڻ تي شديد ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي، پاڪ فو?? جي سڌ سماءُ واري شعبي طرفان جاري بيان موجب خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ناقابل ترديد شاهدين جي بنيادن تي پاڪ فو?? انهن ??ملن جي منصوباساز??، اڪسائيندڙن ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪندڙ سمورن جوابدارن کان چڱي ريت آگاهه آهي، ڪور ڪمانڊرز فو??ي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل جي ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي.ڪانفرنس ۾ گذريل ڏينهن ??وران امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جيڪو لاڳاپيل سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي. ڪور ڪمانڊرز ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته ڪنهن ??ه ڌر طرفان امن جي قيام لاءِ رڪاوٽون وجهندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. بريفنگ دوران فو??م کي آگاهه ڪيو ويو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، تاريخي عمارتن کي باهيون ڏيڻ ۽ فو??ي ٺڪاڻن جي ڀڃ ڊاهه تي ٻڌل هڪ جامع منصوبي تي عملدرآمد ڪيو ويو ته جيئن اداري جي بدنامي ٿي سگهي، جڏهن ??ه اهو سمورو عمل سياسي محرڪن جي حامل ايجنڊا جي حاصلات لاءِ هو. آرمي چيف ان سڄي معاملي تي فو??ي فارميشنز طرفان تحمل ۽ پختي رد عمل کي ساراهيو. فو??م واضح ڪيو ته ڪنهن ??ه ايجنڊا تحت فو??ي ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهي طور تي اسپانسر ٿيل ۽ اندورني سهولت يافته ڌرين جي منظم پروپيگنڊا تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته شرمناڪ پروپيگنڊا جو مقصد هٿياربند فو?? ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ وڇوٽيون جڏهن ??ه هٿياربند فو?? جي رينڪ رينڊ فائل جي اندر ڏار پيدا ڪرڻ آهي، فو??م جو چوڻ هو ته دشمن قوتن جي ناپاڪ پروپيگنڊا کي عوام جي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪ فو?? عوام جي ڀرپور حمايت سان پاڪستان جي دشمنن جي اهڙن سمورن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي. فو??م موجوده غير مستحڪم سياسي صورتحال ۾ قومي سطح تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي اعتماد، معاشي ترقي ۽ جمهوري نظام کي هٿي ڏئي سگهجي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ??يو جنهن ??هشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ وطن جي دفاع ۽ هن قوم تي پنهنجيون جانيون نڇاور ڪيون. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ بلوچستان ۾ مسلم باغ تي حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ شهيد ٿيل جوانن جي عظيم قربانين کي به زبردست خراج تحسين پيش ??يو.
سياسي محرڪ رکندڙ وڳوڙين طرفان باهيون ڏيڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ملوث ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائيل ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت