اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي تر??يه جي حڪومت ۽ عوام کي ??بارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ت?? اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ??عل??ٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو ستون اجلاس قيادت کي ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ تر??يه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار