اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول جي سخت طريقيڪ??ر کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني ب??ائ??ن ته ضروري شين ۽ خدمتن جون قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ ط??ف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری