اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سي??سي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. صدر ??هڙ?? خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته معيشت سميت سمورن ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مق??بل?? ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجاتي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو ??ڪر?? گهرجي. هن چيو ته مشڪل فيصلن جي لاءِ عوام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس و??يڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊون اسان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي. صدر سمورن سي??سي اڳواڻن پاران ڏنل بيانن کي پڻ ساراهيو ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي اهم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي.
ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام