اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جديد دور جي پيش ايندڙ چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ، نوجوانن جي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ جامع قدم وقت جي ضرورت آهي، ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي وڏيون مشڪل ۽ ڏکيون حالتون درپيش آهن، پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو. ن??را?? وزيراعظم چي?? ته جديد دور ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان 24 ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ملڪ آهي، جنهن جي آبادي جو 65 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر وارن جي آهي، انهن جون صلاحيتون معاشي طور تي استعمال ۾ آڻي سگهجن ٿي??ن. اسان پنهنجي انساني وسيلن جي ترقي ۽ هنرمندي جي تعليم ۾ پٺتي آهيون، جيتوڻيڪ صنعتي شعبو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ملڪي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جنهن کي معاشي طور تي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ انهن قدرتي وسيلن کي ملڪ جي لاءِ ڪاميابي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چي?? ته جديد دور ۾ خطي ۾ رابطن ۽ لنگهن جي تمام وڏي اهميت آهي، ان سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿي??دو. ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چي?? ته اهو هڪ مستقل خطري طور اڀري سامهون اچي رهيو آهي، ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ ممڪن نه آهي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي قدم کڻڻا پوندا. عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ن??را?? وزيراعظم چي?? ته پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چي?? ته ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيو آهي، ڪشمير مسئلي کي سنجيده بنيادن تي حل ڪرڻ ضروري آهي. ڪشمير مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي حقن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. انسانيت جو استحصال ڪندڙ ڀارت پاڻ کي ڪيئن وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته فلسطين ۾ معصوم ٻارن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪير به 4 هزار 700 ٻارن کي مارڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي، معصوم ٻارن جي قتل سان اسرائيل پنهنجي جنونيت کي پورو ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته دنيا ۾ انصاف ٿي??دي نظر اچڻ گهرجي. ن??را?? وزيراعظم چي?? ته افغانستان سان اسان جا پراڻا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. افغانستان ۾ استحڪام خطي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ايمبيسڊر ڊاڪٽر رضا محمود شريڪ ٿي??دڙ جي آجيان ڪندي ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ڊائيلاگ ۾ شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ن??را?? وزيراعظم کي اداري جي تازي پبليڪيشن پيش ڪئي.
پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ، نوجوانن جي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔