اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي لاءِ فڪري ۽ تعليمي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچس??ان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعليمي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچس??ان جي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪس??ان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچس??ان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سان علم تائين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچس??ان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچس??ان جي تعليمي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچس??ان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.
شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب