لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي، ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصوص سيٽن جي حوالي سان پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ اهم نقطا اٿاريا. مخصوص سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار ئي نه هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ??يو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته تفصيلي فيصلو 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ناهي اچي سگهيو. هن چيو ته عام طور تي فيصلو ٻڌائڻ جي 15 ڏين??ن اندر تفصيلي فيصلو جاري ٿيندو آهي، هن چيو ته آئين جا ڪجهه آرٽيڪلز مخصوص سيٽن ب??بت آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلي ۾ انهن آرٽيڪلز کان هٽي ڪري فيصلو ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير ??يو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جي اختلافي نوٽ ۾ اهو به لکيل آهي، ته تحريڪ انصاف ان ڪيس ۾ ڌر نه هئي، ان کي رليف ڏيڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 ۾ حاصل ڪيل اختيارن کان ٻاهر وڃڻو پوندو ۽ آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي رد ڪرڻو پون??و. وفاقي وزير ??يو ته تحريڪ انصاف عدالت سامهون درخواست گذار جي حيثيت سان موجود ئي نه هئي، پر ان جي 81 ميمبرن کي رليف ڏنو ويو ۽ اهي ماڻهو جيڪي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيا ۽ حلف کڻي چڪا هئا، انهن جي رڪنيت ختم ڪئي وئي. انهن جي رڪنيت ختم ڪرڻ کان پهرين جيڪي مرحلا طي ٿيا، اهي قانوني طور تي پنهنجي جاءِ تي م??جود آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر جيڪڏ??ن ايوان ۾ سني اتحاد ڪائونسل مان نڪري تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ويهندا ته اهو آرٽيڪل 62 (1) ايف جي ڀڃڪڙي هوندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ ۾ اهو به چيو ته ث??بت ٿيل حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل سياسي پارٽي طور عام چونڊ ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به آزاد حيثيت ۾ چونڊ ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ان تي آئين ۽ قانون واضح آهن. آئين تحت انهن سياسي پارٽين جيڪي پارليامينٽ ۾ موجود آهن کي متناسب نمائندگي جي فارمولي تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، ان جي چيئرمين به آزاد حيثيت م اليڪشن وڙهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ميمبرن ان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو. هن چيو ته جڏهن هڪ سياسي پارٽي جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي ته ان کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي پنهنجي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪو به اقليتي م??مبر انهن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح انهن کي اقليتي سيٽون به نٿيون ملي سگهن. وفاقي وزير ??يو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي اختلافي نوٽ مان اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي، ته ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آئين جي مخصوص سيٽن ب??بت آرٽيڪلز کي معطل ڪرڻو پون??و. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي هن ڪيس ۾ بنا گهرڻ جي رليف ڏنو ويو، انهن ماڻهن کي رليف ڏنو ويو جيڪي رليف گهرڻ ئي نه آيا هئا. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي جيڪي ماڻهو چونڊيا انهن جي به حق تلفي ٿي آهي. انهن کي به ٻڌڻ گهرجي ها. مخصوص سيٽن تي م??مبرن جي چونڊ جي پوري طريقيڪار تي عمل ٿيو. شيڊيول تحت لسٽون اليڪشن ڪميشن ويون، انهن فهرستن جي بنياد تي م??مبرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، ڇنڊڇاڻ ٿي ۽ ان کان پوءِ انهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ۽ انهن ميمبرن اسيمبلي ۾ حلف کنيو. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي رڪنيت ته ختم ڪئي وئي، جڏهن ته انهن باقي مرحلن تي غور نه ڪيو ويو. وفاقي وزير ??يو ته عدليه جي فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نظرثاني جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته اڃا تائين ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ م آئيني ۽ قانوني نقطا اٿاريا آهن، اهي نقطا ليگل فريم ورڪ تي وڏو سواليه نشان آهن، جنهن جو جواب اچڻ ضروري آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصوص سيٽن جي حوالي سان اختلاف نوٽ م اهم نقطا اٿاريا، مخصوص سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار نه هئي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ