اسلام ??باد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اس??ام ??باد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي ??يان تي پنهنجي ??د عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽي آءِ جي ??وبائي حڪومت جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام ??ي ڀلائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي ??نتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وفاق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي ??ارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي ??وبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اس??تالن، درسگاهن جي ??عمير سان عوام جي ??دمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن چيو ته چين جي ??در جي ??وري کي ڌرڻن سان ناڪام ??نائيندڙ هاڻي ايس سي او جي ??جلاس جي موقعي تي وري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪستان معاشي بحالي جي ??اهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن چيو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي ??مايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا