اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوس?? رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ ل??ءِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوس?? رضا گيلاني چيو ته هي ڏينهن اسان جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ اسان جي گڏيل ذميداريءَ جي ياد پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتريء?? لاءِ اسان کي گڏجي هڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻائڻو پوندو جيڪو نه صرف اسان جي ماڻهن جي بهترين پرورش ڪري پر اسان جو مستقبل به محفوظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ??ن جي عيوض خوراڪ جي پيداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لاءِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي پائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ ل??ءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڀريو.
اسان کي پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável