اسلام آباد- 20 ??وم??ر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ??اڪ??تان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اس??رڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن م??ڊل اس??يشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاين جي نشاندهي ۽ چيني صنعتن جي ??اڪ??تان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سان جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين م??ڊل صنعتي زونز لاءِ دستياب زمين جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria