اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي ا??پيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائي ا??يمبلين جي ا??پيڪرن، قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني ا??يمبلي جي ا??پيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪانفرنسز ان وقت جي قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪانفرنس 1987ع ۾ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. قومي ا??ميبلي جي ا??پيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪانفرنس پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪانفرنس قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.