اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين ??يو آهي ته ڪشمير جي سرزمين تان اڀرندڙ خالص مقامي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڀارت سدائين ??ڌا حربا اختيار ڪندو آيو آهي، تازين اطلاعن ??وجب هاڻي دنيا جي مختلف حصن ۾ سرگرم بدنام عسڪريت پسندن کي والاريل ڪشمير ۾ متحرڪ ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش جاري آهي ته جيئن آزادي جي حقيقي تحريڪ کي سبوتاز ڪري سگهجي، اهو منصوبو انتهائي خطرناڪ آهي جنهن جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا، عالمي برادري ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سي??ين??ر کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر