بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آ??ي، رياستي ادارن جي استحڪام سان بدعنواني جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، وائيٽ ڪالر ڪرائم کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي ان حوالي س??ن چين جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ۽ چين جو تعا??ن گهربل آ??ي، اسان جي لاءِ اولهه جي ڀيٽ ۾ چين جو ماڊل بنيادي اهميت رکندڙ آ??ي، بدعنواني جي خاتمي سان ئي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.. وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ بيجنگ ۾ چين جي سينٽرل پارٽي اسڪول پهتو ته اسڪول جي وقتي صدر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي سينٽرل پارٽي اسڪول جي وقتي صدر سان ملاقات به ٿي. سينٽرل پارٽي اسڪول ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خ??ن چ??و ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان اتر ڪوريا ۽ ملائيشيا جي لاءِ هڪ ماڊل ملڪ هو پر 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن شروع ٿي.
رياستي ادارن جو استحڪام ۽ غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس