لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ??يڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي ??نتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي ??ٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ??فد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعد?? ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي ??نشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي ??نتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي ??سئلن ج?? حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.
ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ لاءِ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا