گڏيل قومون-02 جنوري (اي پي پي) نئين سال جي شروعات تي مظلوم فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت رڪجي نه سگهجي، سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن رهيا جڏهن ته فلسطيني جنگبندي جي دعائن لا??ِ مصروف رهيا. مقامي صحت کاتي جي عملدارن مطابق 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني شهيد ۽ 286 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. نئين سال جي شروعات تي فلسطيني پنهنجن پيارن جا لا?? کڻڻ ۽ زخمين کي طب?? مرڪزن ۾ وٺي وڃ?? ۾ ??صروف رهيا. هلال احمر طرفان پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ وچ غزه ۾ حملن کان پوءِ افراتفري کي ڏيکاريو ويو آهي جتي امدادي ڪارڪن رات جي اونداهيءَ ۾ باهه جي ڍير مان هڪ زخمي ٻار کي ڪڍ?? ۾ ??صروف هئا. غزه جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان وٽ رهڻ لا??ِ ڪا جاءِ ناهي، اسان جهازن ۽ ڊرونز جي آوازن جو خاتمو چاهيون ٿا. هوڏانهن اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو غزه ۽ مصر وچ ۾ پوري سرحدي علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته غزه ۾ جنگ جي پڄاڻي تمام پري آهي.
سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن، فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل