سيئول-12 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان جي ڌمڪي سندس پنهنجي انتظاميا کي ئي نقصان پهچائيندي، ميڊيا رپورٽن موجب ڏ??ڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسان جي حڪومت اتر ڪوريا جي هر چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي جو ج??اب ڏيندي، هن چيو ته ڪم جونگ ان جي ڏ??ڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ واري ڌمڪي اسان لاءِ صرف لفظن جي راند آهي جيڪا جلد ئي اتر ڪوريا انتظاميا لاءِ نقصان جو سبب بڻجندي. واضع رهي ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ فيڪٽرين جي دوري کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن اتر ڪوريا خلاف هٿيار استعمال ڪرڻ يا اتر ڪوريا جي سلامتي ۽ خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان پاڻ وٽ موجود وسيلن کي استعمال ڪنداسين ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ختم ڪرڻ کان پاسو نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر