وال??ري?? بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلسطين چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ضرورت ناهي. العربيه اردو مطابق فلسطين جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سم??ت سمورا ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏيارڻ لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر وال??ري?? بيت المقدس سميت اولهندي ڪناري ۾ يهودي آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني رياست جي امڪانن کي نقصان ڏ??ي رهيو آهي ۽ هو فلسطيني علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فلسطين جي پرڏيهي وزارت جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت ط??فان فلسطيني رياست کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون ??يو آهي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس