گڏيل قومون – 02 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊي??س فرانسس ڊجيٽلائيزيشن کي ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت گذريل پنجن کان ڇهن سالن دوران تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان باهر ڪڍيو آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) جي اهتمام ??يٺ موجوده ۽ ايندڙ نسل لاءِ بک جي خاتمي ڏانهن تيز رفتار اڳڀرائي واري عنوان تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڀارت جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن جن کي پهرين بينڪنگ يا ا??ائ??گي جي نظام تائين پهچ حاصل نه هئي، اه?? هاڻي رڳو سمارٽ فون استعمال ڪري بلن جي ا??ائ??گي جي قابل ٿي ويا آهن ۽ ان کان علاوه اه?? آرڊرز جي لاءِ به ا??ائ??گي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي کي بنياد فراهم ڪري ٿي. ڀارت ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي جو عام شهرين کي سمارٽ فون بوم ۽ بينڪنگ خدمتن تائين آسان پهچ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار آهي
ڀارت تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ