پيانگ يانگ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اِن چيو آهي، ته سندس ملڪ ايٽمي طاقت جي تعمير لاء?? هڪ پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جيئن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه سومر تي رات جو اتر ڪوريا جي سالياني يادگار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪِم جونگ اِن مطابق سندس ملڪ کي پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال کي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جي سيڪيورٽي حقن جي ضما??ت ڏئي سگهجي. ڪِم واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جي حمايتن جي صورت ۾ موجود مختلف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط فوجي وجود جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي دفاع وار?? وزارت اڱاري ڏينهن ٻيٽ نما ڪورا ۾ ??ڏي?? قومن جي قيادت ۾ شامل ميمبر ملڪن سان گڏ هڪ اجلاس منعقد ڪندي. اتر ڪوريا ??ڏي?? قومن جي ڄاڻايل قيادت تي تنقيدي ڪندي ان کي ”غيرقانوني جنگي تنظيم“ قرار ڏنو هو. يانگ يانگ حڪومت ٻنهي ڪوريائن جي سرحد تي مقرر ??ڏي?? قومن جي انتظام هيٺ فورس ۾ جرمني جي شامل ٿيڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته ان اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي ۽ انهن جي استعمال جي تياري ڪري رهيا آهيون: اتر ڪوريا
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ