اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود گهڻ رخ?? ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ايندڙ هڪ سال جي عرصي ۾ مختلف تقريبن، ميلن ۽ ادبي محفلن تي مشتمل پروگرام جي منظوري ڏني وئي آهي، اها منظوري پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ سياحتي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ هڪ سال ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شفقت جليل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر لوڪ ورث?? شاهده شاهد، ا??وڻ?? سيڪريٽري ڪامران لاشاري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔