اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي فرمان ا??حاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جي??ن ملڪ کي درپيش س??ورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد علي جناح جي يو?? ولادت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ قوم جو يو?? ولادت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، قوم جي حيثيت سان ا??ان جي لاءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب قائداعظم محمد علي جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.
اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria estadual