اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪوم?? جي اتحادي پ??رٽين مل?? جي بهتري ل??ءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پ??رٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صد??قي?? هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پ??رٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي مل?? جي بهتري ل??ءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي ل??ءِ مڪمل حماي?? جي عزم جو اظهار ڪيو.
حڪومت جي اتحادي پارٽين پاران وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II