رياض _ 16 مئي (اي پي پي ) سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن ع??د العزيز ڪيترائي شاهي فرمان جاري ڪيا آهن . عرب نيوز مطابق شاهه سلمان شهزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن ع??د العزيز عياف آل مقرن کي پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . شاهه سلمان نائب وزير نيشنل گارڊ عبد المحسن بن ع??د العزيز التو يجري کي پنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ايوان شاهي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي . شاهي فرمان ۾ شهزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن ع??د العزيز عياف آل مقرن کي نيشنل گارڊ جي نائب وزير جون ذميواريون ڏنيون آ??ن . شاهه سلمان خالد بن محمد بن ع??د العزيزالعبد الڪريم کي ڪابينه جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي . شاهي فرمان ۾ شيانه بنت صالح بن ع??د الله العزاز کي ڪابينه جي نائب سيڪريٽري مقرري کان برطرف ڪري شاهي ايوان جي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح مازن بن ترڪي بن ع??د الله السدريري کي ڪابينه ڪائونسل ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . انجنيئر سامي بن ع??د الله مقيم کي سعودي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت اٿارٽي ۾ نائب سربراهه جڏهن ته الربدي بن فهد بن ع??د العزيز کي قومي ڊيٽا اداري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي . شاه سلمان ع??د المحسن بن سعد المحسن کي نائب ناڻي وارو وزير ، عبد العزيز بن سعود بن ع??د العزيز الدحيم کي نائب واپار وارو وزير ، ڊاڪٽر عبد الله بن علي بن محمد الاحمري کي نائب صنعت وارو وزير ۽ انجنيئر انس بن ع??د الله بن حمد الصليح کي نائب سياحت وارو وزير مقرر ڪيو آهي .
سعودي عرب ۾ مختلف وزارتن ۾ اهم مقرريون ، شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : راکی