بيجنگ- 11 جون (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ترين قيادت گڏيل لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ بهبود کي بهتر بڻائڻ ۾ سي پيڪ جي مثبت ڪ??دار جي واکاڻ ڪئي. جاري بيان موجب چيني ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪئي. چين جي صدر شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ??ڌل حصيداري اونهي ٿي آهي، ان حصيداري ۾ عوام جي راءِ جو مضبوط بنياد، مضبوط داخلي محرڪ سگهه ۽ وسيع تر ت??قي جا امڪان موجود آهن. چين هڪٻئي جي ڀرپور حمايت ڪرڻ، تعاون جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن کي گهِرو ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي تعمير کي تيز ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط دوستي کي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي ۽ پاڪستان چين جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد دوست ۽ حصيدار رهندو. ڌرين متفقه طور تي ??نهنجي پنهنجي بنيادي مفادن ۽ اهم ??دشن بابت معاملن تي ??ڪٻئي جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڌرين پاڪستان جي قومي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ بهبود کي بهتر بڻائڻ ۾ سي پيڪ جي مثبت ڪ??دار جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم جي چين جي تازي دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪئي: چيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری