اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪس??ان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، رياستن جي بيانيي جي فروغ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اي پي پي، ريڊيو پاڪس??ان ۽ پي ٽي وي کي آگسٽ تائين ڊيجيٽلائيز ڪرڻ شروع ڪنداسين، آءِ ايس پي آر پاڪس??ان ۾ مختصر وقت جي فلمن کي نئون رخ بخشيو، فلم ٺاهڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ قد?? کڻي رهيا آهيون، پاڪس??ان دهشتگردي جي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، دنيا ۾ جنگيون هاڻي پنهنجي بيانيي جي فتح جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون، ماضي ۾ ان تي ڌيان نه ڏنو ويو. نيشنل اميچور شا??ٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃان ٿو ته هن ا??ان کي عمارت ڏني جيڪا تقريبن بند پيل هئي. آگسٽ ۾ جڏهن پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٽي سال پورا ٿيندا ته ان عمارت ۾ ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺهي ويندي. هن چيو ته اڄ جي دنيا عوامي راءِ جي دنيا آهي، هاڻي جنگيون بيانيي جي ذريعي وڙهيون وڃن ٿيون جنهن جو بيانيو جيتري پذيرائي حاصل ڪندو انهي ??ان فتح جو تعين ٿيندو، سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي بيانيي جي جوڙجڪ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پاڪس??ان کي جهڙي طرح جي جاگرافيائي صورتحال درپيش آهي ۽ جهڙي طرح ا??ان جنگيون وڙهيون، شهادتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، ان جي مقابلي ۾ ا??ان پنهنجو بيانيو اجاگر نه ڪري سگهياسين جنهن جي ڪري دنيا ا??ان جي قربانين جو اهڙي طرح اعتراف نه ڪيو جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته ا??ان عوامي راءِ ٺاهڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز