اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو ب??ائ?? هروڀرو آهي، وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي ار??ن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزي??اع??م عمران خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي ار??ن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو ب??ائ?? بناجواز آهي، وزي??اع??م هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.
وزيراعظم پاران غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کڑک