بيجنگ – 24 – آگسٽ (اي پي پي) چين سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هتي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ??يو ته چين تازو ئي پاڪستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي شديد ٻوڏ اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان ??يو ته اسان آفت سٽيل علائقي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گهري تعزيت ۽ متاثرين ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ??يو ته چين ۽ پاڪستان سچا دوست آهن جيڪي هڪ ٻئي جي ڏک ۽ پريشاني ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ وڏي قدرتي آفتن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي سدائين سٺي روايت رهي آه??. ه?? وڌيڪ ??يو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان ??يو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت چين پاران فراهم ڪيل 4000 تنبو، 50000 ڪمبل، 50000 ٿُلهيُون چادرُون ۽ ٻيون امدادي شيون قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ چين ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 25 هزار تنبو ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي، ريڊ ڪراس سوسائٽي چائنا هلال احمر پاڪستان کي هنگامي طور تي 3 لک ڊالر روڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي. ترجمان ??يو ته چين آفتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيندا رهندا. هن وڌيڪ ??يو ته اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته پاڪستاني حڪومت جي قيادت ۾ ۽ عالمي برادري جي گڏيل مدد سان آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو مشڪلاتن تي ضابطو آڻ?? ۽ ??نهنجي معمول جي زندگي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وينچوآن ۾ 2008ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي دستياب سمورا تنبو چين موڪليا هئا ۽ چين پاڪستان جي مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فراهم ڪيل ان امداد کي نه ٿو وساري سگهي. ميڊيا جي ذريعن جي رپورٽس موجب چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ اچڻ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ٽي لک کان وڌيڪ بي گهر ٿيا آهن.
چين پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان تعزيت جو اظهار، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا