اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات?? تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ موسميات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين ع??ائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته موسميات?? تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسميات?? تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿ??ا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿ??ا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ موسميات?? تبديلين جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون موسميات?? تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي موسميات?? تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ موسميات?? تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو ??ه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.
دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن