اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو آهي ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن، عمران خان پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، عمران خان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آهي، پي ٽي آءِ جي 8 م??ن 2 وڌ??ڪ سيٽون هارائي عمران خان پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪومت نه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪومت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمران خان کي اسلام آباد تي يلغار جو لائيسنس نه ٿو ملي سگهي، عمران خان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. هن چي?? ته حڪومت جي تبديلي جو طريقو اسلام آباد تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آهي. مريم اورنگ??يب چي?? ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهرندو؟ فارن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز جي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي جو نالو وٺندو؟ فارن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چي?? ته پي ٽي آءِ ون مين پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آهي.
ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ