طورخم – 17 ?? نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ??الرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر بر??مد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ??اڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪرنسي بر??مد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ??سٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ بر??مد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر ج?? غيرملڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ??سٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر ج?? غيرملڪي ڪرنسي بر??مد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر ج??ڳي آهي ته غيرملڪي ڪرنسي خاص طور تي ??الرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊالر ج?? مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.
ڪسٽمز عملدارن جو بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ