اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي ??ما?? تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي ??ما?? پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ ??ما?? جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي ??ما?? پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعي?? ۽ ??يمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتون پنهنجي ??ما?? ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي راءِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي ??ما?? ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظ??م مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.
صدر فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil