اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو ??ين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ۽ پارليامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو ??ين جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پي??ام ۾ وز??راعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 س??لن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پي?? ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ تي چين جي عوام ۽ پارليامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وز??راعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پنگ جي 5 س??لن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.
وزيراعظم پاران شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش