اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) ۾ جنسي هراسگي جي ڏوهارين کي مليل سزا برقرار رکندي ڏنڊ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، صدر عورت ملازم کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي اس??ٽنٽ ڊائريڪٽر خضر حيات کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکڻ ۽ ڏنڊ جي رقم کي 5 لک مان وڌائي 10 لک رپيا ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر ڊائريڪٽر (ايڊمن) ميان سهيل افضل کي هيٺئين عهدي تي تنزلي جي ڏنڊ کي ٽن سالن جي لاءِ برقرار رکيو ۽ ڏنڊ کي 10 لک رپين مان وڌائي 11 لک رپيا ڪري ڇڏيو ته جيئن متاثر عورت کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. هن ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عب??س ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نيازي جي بريت کي پڻ برقرار رکيو ڇو ته ان جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد دستياب نه هو ته هو ڪنهن به شڪ کانسواءِ ان الزام ۾ ڏوهاري ??ابت ٿئي. ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي هڪ عورت ڪمرشل اس??ٽنٽ محتسب کي چار ملازمن جي خلاف جنسي هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪئي هئي، عورت ذاتي موبائيل ڊيٽا هيڪنگ، ناجائز جنسي مطالبن، ڪوڙين خبرن جي اشاعت ۽ وڌيڪ اشاعت روڪرائڻ جي لاءِ 5 لک رپين جو مطالبو ڪرڻ جا الزام هنيا. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف خضر حيات ۽ ميان سهيل افضل جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته ڏنڊ جي رقم متاثر عورت کي معاوضي طور ادا ڪئي وڃي. صدر ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عب??س ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نيازي جي الزامن کان بريت جي فيصلي کي برقرار رکيو، سهيل عب??س ۽ جمشيد نيازي جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد نه هجڻ جي ڪري ??ري ڪيو ويو. صدر چيو ته معاشري کي مثبت پيغام وڃڻ گهرجي ته عورتن جي هراسگي جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائينداسين، عورتن کي ڪم واري ??ڳهه تي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪرائڻ اس??ن جي ذميواري ??هي، عورتن جي خاندانن کي يقين ڏيارڻو پوندو ته هراسمينٽ جي صورت ۾ ملڪي قانون سخت ڪارروائي ڪندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن اسلام آيو ته ان عورتن جي اس??حصال، زندهه دفن ڪرڻ ۽ جائيداد کان محروم کي ختم ڪيو، اسلام عورتن جو اس??حصال ختم ڪري ناقابل يقين صنفي برابري ??طا ڪئي. صدر چيو ته هراسمينٽ جا اهڙا واقعا اس??ن جي ملڪ تي هڪ ڌٻو آهن، عوام کي ٺوس پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جي ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن کي معاشري ۾ هراسمينٽ کان محفوظ رکيو ويندو، محفوظ ماحول سان عورتون عوامي جاين ۽ ڪم ۾ بنا خوف ۽ خطري ??ي حصو وٺي سگهنديون، مذهبي ۽ عالمي قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر ڪيس ڪنهن سازش جو نتيجو هجڻ جو ڏوهاري ??ي دعويٰ رد ڪندي چيو ته ڪو به شعور وارو ماڻهو اهو تصور نه ٿو ڪري ??گهي ته ڪا عورت رڳو ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ جنسي هراسمينٽ جي ڪوڙي شڪايت ڪري پنهنجي وقار ۽ ساک کي داءُ تي لڳائيندي. هن چيو ته هراسمينٽ جو خاتمو عورت ڪم ڪار واري ??ڳهه ايڪٽ 2010ع عورتن جي حفاظت جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو، ايڪٽ ڪم جي جڳهه تي پاڻ کي غيرمحفوظ تصور ڪندڙ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آندو ويو، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ جو مقصد جنسي هراسمينٽ ڪندڙن يا مالي حيثيت جو غلط اس??عمال ڪندڙن کي سبق سيکارڻ آهي. صدر چيو ته جنسي هراسمينٽ جي ڪاررواين جي مذمت ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ميپڪو انتظاميا عورتن کي محفوظ ماحول فراهم نه ٿي ڪري ??گهي اهي باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان ڊڄنديون، موبائيل ڊيٽا جي هيڪنگ افسوسناڪ عمل جو شڪار ٿيڻ سان عورتن جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿي، ڊيٽا هيڪنگ سان عام طور تي عورتن جي جذباتي، ذهني ۽ جسماني صح تي به اثر پوي ٿو، ميپڪو ۾ هيڪنگ جي عمل عورتن جي لاءِ هڪ غيرمحفوظ ماحول پيد اڪيو. صد رچيو ته عورت ملازم جو موبائيل ڊيٽا هيڪ ڪرڻ معمولي ڳالهه نه آهي، هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، قانون جو طئي ٿيل اصول آهي ته سزا ڏوهه جي شدت موجب هجڻ گهرجي، ثابت ٿي چڪو ته خضر حيات، ميان سهيل افضل جي اتساهڻ تي عورت جي ڊيٽا هيڪ ڪئي. صدر چيو ته ڪم واري ??ڳهه تي ڪنهن جي لاءِ خوف ۽ هراس جو احساس پيدا ڪندڙ هڪ واقعو به هراسمينٽ ڪرڻ آهي، ڏوهه جي شدت کي نظر ۾ رکندي خضر حيات ۽ ميان سهيل تي هنيل ڏنڊ ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو.
صدر پاران ميپڪو ۾ جنسي هراسگي جي ڏوهارين کي مليل سزا برقرار، ڏنڊ ۾ اضافو
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار