اسلام آباد – 19 – آڪ??وب?? (اي پي پي) پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ سينيٽ جي دفاعي ڪميٽي چيئرمين ۽ ”فرينڊز آف سلڪ ??وڊ ڪلب“ پاڪستان جي سربراهه سينيٽر مشاهد حسين سيد کي بيجنگ ۾ منعقد بيلٽ اينڊ ??وڊ 2023ع ميڊيا ڪوآپريشن فورم ۾ پاڪ چين دوستي ۽ سي پيڪ ۾ ڪردار ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ سلڪ ??وڊ گلوبل نيوز ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهو اعزاز سينيٽر مشاهد حسين سيد جي عالمي تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ غيرمعمولي خدمتن جو اعتراف آهي جڏهن ته خاص طور تي سندس چين سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ بيلٽ اينڊ ??وڊ انيشي ايٽو کي اڳتي وڌائڻ، علائقائي ترقي ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil