اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) فري اينڊ فيئر اليڪش?? نيٽ ورڪ (فافن) عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي سياسي پارٽين جي عورت ??ميدوارن بابت جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. فافن طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي 111 سياسي پارٽين جون 275 عورت ??ميدوار آهن. عورت ??ميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي سياسي پارٽين جي نامزد 6037 اميدوارن جو 4.6 سيڪڙو آهن. فافن اهو تجزيو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ چونڊ اميدوارن جي فارم 33 جي بنياد تي ڪيو آهي. ڪل 111 سياسي پارٽين مان 30 پارٽين 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورت ??ميدوار نامزد ڪيا. چئن سياسي پارٽين 4.5 سان 5 سيڪڙو جي شرح سان عورت ??ميدوار نامزد ڪيا. 77 پارٽين 4.5 سيڪڙو تائين عورت ??ميدوار نامزد ڪيون. قومي اسيمبليءَ جي چونڊ تڪ تي 94 پارٽين جا 1872 اميدوار 4.91 ??يڪڙو يعني 92 عورت ??ميدوار آهن.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر