اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاهدن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ??ئي. نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصو??ن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي. اجلاس ۾ ??وا??لات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ??ئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری