اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ غزه ۾ رفح جي اوڀرندي حصي ۾ فل??طي??ي پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ا??جن??ي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خوراڪ جي ورڇ جي مرڪز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ري??نگ ۾ چيو ته ڏڪار ۾ ورتل آبادي جي لاءِ خوراڪ جي ورڇ جي ڪجهه باقي مرڪزن تي حملو اسرا??يل جي فل??طي??ين کي وڏي پئماني تي فاڪا ڪشيءَ ۾ وجهڻ جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته اها غيرانساني ڪارروائي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. فل??طي??ي پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ا??جن??ي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين جو ڪم ڪري ٿي، اها پناهه فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خوراڪ سان گڏوگڏ بنيادي صحت جي سارسنڀال جي خدمت فراهم ڪري ٿي، ان کي غزه تي جاري غيرانساني جنگ دوران عالمي حمايت ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 3500 نئين وسندين جي تعمير بابت اسرا??يل جي تازي فيصلي جي سخت ترين ممڪن لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اها اسرائيلي ڪارروائي عالمي قا??ون، عالمي انساني قا??ونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل فل??طي??ي رياست جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها فل??طي??ي عوام جي خلاف قابض عملدارن جي انهن ڏوهن جو خاتمو ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت فل??طي??ي عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.
پاڪستان پاران قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números dupla sena