اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ا??راهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچ?? ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار ا??تقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ا??راهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اي??نڊ?? پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس