رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملا??ات ڪئي، بل گيٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز جي پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ت??ويز ڏني جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ م??بوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملا??ات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جو عنوان ”عالمي صحت جي ايجنڊا جي نئين وصف“ هو. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس جي مبارڪباد واري خط تي سندس ٿورا مڃيا. پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي ??ور دوران بل گيٽس سان پنهنجي ملا??ات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ م??بوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون. هن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پراڻي ??عاون تي بي ايم جي ايف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان جي حتمي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ سمورن حصيدارن پاران مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. بلگ يٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز عمل کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي ت??ويز ڏني. بل گيٽس پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو خاتمو مستقبل جي نسلن کي هن موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۽ فائونڊيشن جي وچ ۾ حفاظتي ٽُڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??يو ته گيٽس فائونڊيشن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي ۽ آءِ ٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري ٿو. فيبروري 2022ع جي مسٽر گيٽس جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي، وزيراعظم ??يس پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون