شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي ??ين جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي اعليٰ چيني عملدارن، پاڪستان ۾ ??ين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي ??ين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان اڄ ??ين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ ??ين پاڪستان تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپ??ين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپ??ين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وفد ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽرو??يم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالع??يم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.