اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت سڪي ڪناري هائي??رو پاور اسٽيشن جي بيڪ فيڊنگ جي ڪاميابي سان تڪميل مڪمل چڪي آهي. ڪالهه چائنا انرجي اوورسيز انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انرجي چائنا، خيبرپختونخوا صوبي جي مانسهر ۾ درياءَ ڪنهار تي واقع ايس ڪي هائي??رو پاور اسٽيشن چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت ”چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت هڪ اهم منصوبو آهي. هي پرڏيهي ملڪ چيني ڪاروباري ادارن طرفان گرين فيلڊ هائي??رو پاور جي سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي ۽ انرجي چائنا طرفان سڀ کان اهم هائي??رو پاور اسٽيشن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ايس ڪي هائي??رو (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ جنرل مينيجر ايڇ اي زينگفي بيڪ فيڊنگ جي حوالي سان ٻڌايو ته بيڪ فيڊنگ ايس ڪي هائي??رو پاور اسٽيشن جي 500 ڪي و?? سوئيچنگ اسٽيشن تي هاءِ وولٽيج جي اوزارن جي آپريشن هڪ اهم ڪاميابي آهي. مڪمل وولٽيج تحت پاور ٽرانسميشن جي عمل بيڪ فيڊنگ جي لاءِ آپريٽنگ طريقيڪار تي سختي سان عمل ڪيو، پوري لائين ۾ اوزار مستحڪم طريقي سان هلن ٿا ۽ سمورا اهڃاڻ ڪاميابي سان طئي ٿ??ل هدف حاصل ڪندي مڪمل ٿي ويا. ايس ڪي هائي??رو پاور اسٽيشن پنهنجي ڪمرشل آپريشن جي تاريخ (سي او ڊي) جي ويجهو آهي ۽ هڪ ڀ??رو آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ ان مان ساليانو سراسري طور 3.212 بلين ڪلوواٽ بجلي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو 10 لک پاڪستاني گهراڻن کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان جي بجلي ۽ توانائي جي ڍانچي تي نمايان اثر پوندو. ان منصوبي جو مقصد گهرج ۽ پهچ جي عدم توازن کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ان منصوبي مقامي ماڻهن کي روزگار جا نوان موقعا به فراهم ڪيا آهن.
سڪي ڪناري هائيڊرو پاور اسٽيشن جي بيڪ فيڊنگ جي ڪاميابي سان تڪميل مڪمل
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania