ماسڪو _ 3 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته روس سا?? ٻه طرفي ڪاروبا??ي شراڪت داري ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون . پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن . انهن خيالن جو اظهار هن روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سا?? ملاقات دوران ڪيو. وزارت جي جاري بيان مطابق ملاقات جي موقعي تي روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد جمالي ۽ ٻيو?? سينيئر اختياريون پڻ وفاقي وزير سا?? گڏ هيون. ملاقات ۾ روس جو ٽرانسپورٽ وارو وزير رومان اسٽار اووت ۽ صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير اليڪسي گروز دوف پڻ شامل هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوور چڪ سا?? ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جنهن ۾ تاپي گيس رٿا، ٻه طرفو واپار، مواصلات جي ذريعن ۽ پاڪستان، ايران، آذربائيجان ۽ روس تائين ڄاڻايل واپاري راهداري ۽ ريلوي ٽريڪ جي تعمير تي پڻ ڳالهيون ٿيون. روس جي نائب وزيراعظم ?? وفاقي وزير مواصلات جي شعبي ۾ سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري، معاشي ۽ ٻه طرفي سهڪار جي مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نومبر 2022ع ۾ ٿيل انٽر نيشنل روڊ ٽرانسپورٽ معاهدي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته روس سا?? ٻه طرفي ڪاروبا??ي شراڪت ۽ ٻين وڌيڪ منصوبن ۾ گڏيل سهڪار جا خواهشمند آهيون. ماسڪو جيواپاري برادري سا?? ڳالهيون پڻ فائديمند رهيون. هن چيو ته واپار جي حوالي سا?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن مان فادو کڻڻ جي ضرورت آهي . هن وڌيڪ چيو ته ماسڪو ۾ پهرين پاڪ – روس بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ سا?? مثبت نتيجا نڪرندا.
سيڙپڪاري واري وفاقي وزير پاران روس جي نائب وزيراعظم سان ملاقات، مختلف رٿائن تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria