اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ ??ستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوعلو وزي??اع??م هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزي??اع??م نئين مقرر ٿيندڙ ترڪ سفير نذير اوعلو جي آجيان ڪندي چيو ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م ڄمون ۽ ڪشمير تي ترڪيه جي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان به بنيادي مفادن جي حوالي سان ترڪيه جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م صدر رجب طيب اردوان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ترڪ صدر کي جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترڪيه جي سفير نذير اوعلو شان??ار استقبال تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط ۽ تاريخي رشتن کي وڌيڪ ??ستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena