اسلام ??با??– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن ج?? منتقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن جي ايمرجنسي طبي ضرورتن جي لاءِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، واپسي تي اهو 4 مريضن کي علاج جي لاءِ اسلام ??با?? کڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن جو وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي اسلام ??با?? کان پارا چنار جي لاءِ روانو ٿيندو جيڪو واپسي تي اتان مريضن کي اسلام ??با?? کڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙ??ءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون.
وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي منتقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لاءِ مخصوص
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ