رياض -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن حق حاصل ڪر?? لاءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صد?? محمود عباس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ، خط?? جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪر?? ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جا??ع امن تائين پهچڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪر?? جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد مصر جي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني ۽ اسرائيلي ڌرين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان سبب شهرين جي حياتين کي درپيش وڏن خطرن ۽ خط?? جي استحڪام لاءِ خطرن تي ڳالهيون ڪيون. مصر جي صدارتي ترجمان چيو آهي، ته سعودي عرب جي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن نازڪ مرحلي تي تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ترجمان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئل?? جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق لاءِ مشاورت ۽ هم آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اهو ويزن ٻه رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامع ۽ منصفاڻي حل کي حاصل ڪر?? جي چوڌري گهمي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي.
فلسطين جي عوام طرفان حق حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ