غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) صحت بابت گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او چيو آه?? ته اتر غزه جي الش??ا اسپتال ۾ طبي سامان پهچائڻ واري ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ هر طرف رت پکيڙيو پيو آهي جتي سَوين ماڻهو زخمي حالت ۾ موجود آهن، جڏهن ته نَون زخمين کي مسلسل آندو پيو وڃي. ڊبليو ايڇ او طرفان جار?? بيان مطابق اسپتال ۾ زخمي مريضن لاءِ ڪا مناسب سهولت موجود آهي ۽ کين فرش تي ئي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته الش??ا اپستال جيڪا پهرين غزه جي سڀ کان اهم ۽ وڏي اسپتال هئي هاڻ مشڪل سان ڪم ڪري رهي آهي. ٻارڻ، آڪسيجن خاص طور تي طبي عملو ۽ سامان جي کوٽ سبب آپريٽنگ ٿيٽر ۽ ٻيون خدمتون دستاب ناهن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو چوڻ آه?? ته اسپتال صرف بنيادي طبي سهولتن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪري سگهي، هن جو چوڻ هو ته موت، تباهي، بک ۽ بيماري جي حالتن ۾ هن??امي طبي ٽيمن سميت خاص طبي، نرسنگ، معاون عملي جي فوري ضرورت آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ بنيادي انساني ضرورتون دستياب ناهن، هزارين بي گهر ماڻهو اسپتالن ۾ پناهه وٺي رهيا آهن جن کي کي خوراڪ ۽ صاف پاڻي شديد کوٽ درپيش آهي. صحت جي عالمي اداري مطابق هن وقت الاحلي عرب اسپتال اتر غزه جي واحد جزوي طور تي فعال اسپتال آهي جنهن سان ٽي گهٽ ۾ گهٽ اسپتالون الشفا، العوده ۽ الصحابه ميڊيڪل ڪمپليڪس آهن.
غزه جي الشفا اسپتال جي ايمرنسي ڊپارٽمينٽ ۾ هر طرف خون پکيڙيو پيو آهي: صحت وارو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : bolão quina