رياض -27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي، ته عمري جو تعداد مقرر ناهي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جي??را ڀيرا چاهين عمرو ڪر?? سگهن ٿا. سعودي نشرياتي اداري مطابق حج وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زائرين جي لاءِ عمري جي تعداد مقرر ناهي ڪئي و??ي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت مطابق جي??را ڀيرا چاهين عمرو ڪر?? سگهن ٿا. وزارت جو چوڻ هو ته وزٽ، سياحت يا ملازمت ويزا هولڊر ڪنهن به پابندي کانسواءِ عمرو ڪر?? سگهن ٿا. زائرين مملڪت مان واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ وسيلا به تبديل ڪر?? سگهن ٿا. هوائي رستي ايندڙ جيڪڏهن ته بحري يا بري رستي به واپس وڃ?? سگهن ٿا. سعودي عرب اچڻ ۽ وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل يا لوڪل ايئرپورٽ جي پابندي ناهي، ڪنهن به ايئرپورٽ تان اچ وڃ ڪر?? سگهجي ٿي. واضح رهي ته سعودي عرب آن لائين ٽرانزٽ وزٽ ويزا سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد سعودي عرب اچڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانزٽ ويزا تي عمرو، مس??د نبوي جي زيارت، سياحتي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ملڪ جي شهرن ۾ اچ وڃ جي سهولت هوندي.
زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا: سعودي جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : apostas quina